عطاءُ الله خان عيسيٰ خيلوي

عطاءُ الله خان عيسيٰ خيلوي

عطاءُ الله خان عيسيٰ خيلوي

عطاءُ الله خان عيسيٰ خيلوي: پنجابي ۽ سرائيڪيءَ جو مشهور راڳي عطاءُ الله خان، 19 آگسٽ 1951ع ۾ ڳوٺ عيسيٰ خيل، ميانواليءَ (پنجاب) ۾ ڄائو. ننڍي هوندي ئي کيس راڳ سان تمام گهڻي دلچسپي هئي. پر سندس خاندان ۾ راڳ ٻڌڻ توڙي ڳائڻ تي پابندي هئي. اهڙين حالتن ۾ هي محمد رفيع ۽ مڪيش جا گانا لڪي لڪي ڳائيندو هو. هن ڪوشش ڪئي ته پنهنجي والد کي پنهنجي موسيقيءَ سان دلچسپيءَ بابت ٻڌائي، پر ڪنهن به هن جي ڳالهه نه ٻڌي. تنهنڪري مجبور ٿي گهر ڇڏي ويو. ان وقت سندس عمر 18 سال هئي. هي پنهنجي شوق جي پورائي لاءِ سڄي پاڪستان ۾ مزدوري ڪندو رهيو ۽ هتان هُتان راڳ به سکندو رهيو. انهيءَ وچ ۾ سندس هڪ ٽيپ ڪيسٽ به رڪارڊ ٿي. 1972ع ۾ کيس ريڊيو پاڪستان بهاولپور تي ڳائڻ جو موقعو مليو ۽ ساڳئي سال هن بهاولپور جي هڪ فنڪشن ۾ به ڳايو. 1973ع ۾ کيس پاڪستان ٽيليويزن طرفان مشهور پروگرام ‘نيلام گهر’ ۾ ڳائڻ جي دعوت ملي. هن جو باضابطه پهريون آلبم 1977ع ۾ نڪتو، جنهن کيس ڏاڍو مشهور ڪيو. 1980ع ۾ هو پهريون ڀيرو ملڪ کان ٻاهر انگلنڊ ڳائڻ لاءِ ويو. هن جون برطانيا مان ڪيتريون ئي راڳ جون ڪيسٽون جاري ٿيون، جن مان سندس هڪ ڪيسٽ ‘نعت ۽ ڪلام’ گهڻو مشهور ٿي، جنهن ۾ صوفي شاعرن ميان محمد بخش جو جوڙيل ‘سيف الملوڪ جو قصو’ ۽ بلهي شاهه جو ڪلام ‘ڪي بي دردان سنگ ياري’ پسند ڪيا ويا. هن پنجابي ۽ اردوءَ ۾ ڪيترائي ڪلام ڳايا آهن.
سندس مشهور ڪلامن ۾ ‘قميص تيري ڪالي’، ‘اڌر زندگي ڪا جنازه’، ‘وي بول سانول’، ‘عشق ۾ هم تمهين ڪيا بتائين’، ‘وه باهر ڪا زمانا’، ‘ماهي وسي، آج ڪالا جوڙا پا’ وغيره تمام گهڻو مشهور آهن. پاڪستان سرڪار کيس 1991ع ۾ ‘پرائيڊ آف پرفارمنس’ جو اوارڊ ڏنو. 2011ع ۾ هن ڪوڪ اسٽوڊيو (ڏسندا: ‘ڪوڪ اسٽوڊيو’، ايندڙ جلد) ۾ ٻه ڪلام ‘ني اٺان والي’ ۽ ‘پيار نال’ وغيره ڳايا. هن وقت تائين پنجاهه هزارن کان مٿي ڪلام ڳايا آهن. جنهنڪري سندس نالو ‘گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ’ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. 1994ع ۾ کيس ‘ڪوئين ايلزبيٿ’ لائيف ٽائيم اچيومنٽ اوارڊ برطانيا حڪومت طرفان ڏنو ويو آهي. هن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ: آمريڪا، جاپان، ڪئناڊا، برطانيا، فرانس، اسپين، جرمني، انڊيا ۽ اٽلي وغيره ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.08.19  عيسوي

پنجابي ۽ سرائيڪيءَ جو مشهور راڳي عطاءُ الله خان، 19 آگسٽ 1951ع ۾ ڳوٺ عيسيٰ خيل، ميانواليءَ (پنجاب) ۾ ڄائو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ذوالفقار علي
شاهه محمد شاهه2
راحت فتح علي خان
عبدالله پنهور
حديقه ڪياني
فوزيه سومرو
ريشمان
خادم سخيراڻي
استاد منظور علي خان
سلطانه سورٺ
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون